اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي، پرتشدد روين جو رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سرڪ??ري ملازمن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ پاڪستان رياست کان انهن جي وفاداري م??ائڻ جي لاءِ انهن تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ سميت مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن، پاڪستان رياست پنهنجا آئيني فرض سرانجام ڏيڻ ۾ سرڪ??ري ملازمن جو دفاع ڪندي ۽ انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزا ڏياريندي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران ج??ري هڪ بيان ۾ ن??را?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام 8 فيبروري تي واضح طور تي راءِ جو حق استعمال ڪندي ورهايل مينڊيٽ ڏنو آهي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته پرتشدد روين جو ثابت ٿيل رڪارڊ رکندڙ ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا کي بليڪ ميلنگ جي لاءِ هٿيار طور اختيار ڪرڻ سميت هاڻي مختلف حربا استعمال ڪري رهيا آهن ۽ سرڪ??ري ملازمن جون وفاداريون پاڪستان رياست تان هٽائي پرتشدد گينگ طرف ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. ن??را?? وزيراعظم چيو ته اهي حربا آرٽيڪل 5 سميت آئين جي ٻين آرٽيڪلز ۽ ملڪي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهن. ن??را?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان رياست پنهنجون آئيني ذميواريون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ سرڪ??ري ملازمن جو دفاع ڪندي، انهن پرتشدد ٽرولز جي خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ انهن کي مثالي سزائون ڏيارڻ کي يقيني بڻائيندي. ن??را?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي خدمت ڪندڙ انهن عظيم سرڪ??ري ملازمن جي دفاع لاءِ اسان جي عزم ۾ ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي.