مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه ٿيندي پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ??ڙڪ?? ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چيمبر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي آزاد ڪشمير اچڻ تي ڀليڪار چئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي ک??نپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار تي نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ??ن موقعي تي نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ??ڙڪ?? ٿي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي.