اسلام ??باد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سببن جي ڪر?? درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي، ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي ملڪ ۾ بي بي فارمولا کير ۽ ان سان لاڳاپيل مصنوعات جي پيداوار ۽ وڪري کي جامع ڪرڻ ۽ نوجوان مائرن ۾ ان جي محفوظ استعمال بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ذيلي اداري پي ايس ڪيو سي اي جو ڪم درآمدي کير جي معيار کي چيڪ ڪرڻ آهي، کير ٺاهيندڙ ادارن جا پ??هنجا قاعدا ۽ ضابطا آهن، حقيقت ۾ پاڪستان ۾ فارمولا کير تمام گهٽ پئماني تي تيار ڪيو وڃي ٿو، اسان درآمدي کير تي ٽي ڪر??ڙ 40 لک ڊالر خرچ ڪر??ون ٿا، 1500 ٽن فارمولا ملڪ درآمد ڪر??ون ٿا، ڪجهه حالتن ۾ ماءُ ??هو کير نٿي پياري سگهي، ڪيترين ئي صورتن ۾ ٻارن کي فارمولا کير پيارڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي هوندو، ماءُ جي کير جو ڪو متبادل نه آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سگريٽ سميت صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين جي گهڻائي آهي، اسان جو مُلڪ کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، معاشري ۾ ماءُ جو کير پيارڻ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ڊاڪٽر م??ر تاج روغاني، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروري تيمور، سينيٽر فوزيه ارشد ۽ سينيٽر علي ظفر پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.