اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين جو بيلٽ اينڊ روڊ ان??شي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ ن??ين باب جو اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي س??ير جيانگ زي ڊونگ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم پنهنجي چين جي تازي دوري دوران شاندار استقبال ۽ شاندار انتظامن تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني قيادت جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته چين جي تازي دوري دوران جن مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيون ان??ن تي عملدرآمد جي لاءِ پاڪستان ڀرپور قدم کڻندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تازن معاهدن سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ ن??ين باب جو اضافو ٿيندو. چين جو بيلٽ اينڊ روڊ ان??شي ايٽو سڄي خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو ضامن آهي. چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبلن کان بلند ۽ گهرن سمنڊن کان وڌيڪ گهري آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ثمرن سان ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي رهي آهي. چيني س??ير نگران وزيراعظم کي پاڪستان جي ترقي ۽ معاشي استحڪام ۾ چين جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.