اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيورا??ي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي سان پاڪستان ۾ ايٿوپ??ا جي سفير جمال بيڪر ملاقات ڪئي. مدد علي سنڌي پاڪستان ۾ ايٿوپ??ا جي سفير جمال بيڪر جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪٻئي سان محبت ڪن ٿا. هن ووڪيشنل ?? ٽيڪنيڪل ٽريننگ جي حوالي سان مهارت ۽ علم جي مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. مدد علي سنڌي شاگردن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪندي چيو ته خاص طور تي هنرمند پيشيورا??ي تربيت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جا نمايان امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت نامي تي صح??ح جي راهه هموار ڪندو. پاڪستان ۾ ايٿوپ??ا جي سفير جمال بيڪر چيو ته ايٿوپ??ا جي عوام جي پاڪستان سان گهري وابستگي آهي، هن چيو ته يونيورسٽي سان يونيورسٽي تعون ?? ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن ٽو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوشن تعاون اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ايٿوپ??ا جا ڊاڪٽر رضاڪاراڻي طور تي 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان کي مفت خدمتون فراهم ڪيون، ايٿوپ??ا جي سفير وفاقي وزير کي ايٿوپ??ا جو دورو ڪرڻ ۽ اتي طئي ٿيل ايم او يو تي صح??ح ڪرڻ جي دعوت ڏني، مدد علي سنڌي چيو ته هي ماڻهن کي نوڪريون ڳولڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو، وفاقي وزير سفر جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار ۽ دوستاڻي لاڳاپن تي روشني وڌي، وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل تاريخ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ گهرجي.