اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پا??ستان جي صن??تي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پا??ستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي جي م??ئر مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي جي م??ئر وزيراعظم کي ڪراچي جي انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پا??ستان جي صن??تي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پا??ستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي جي بلديه عظميٰ سان ڀرپور تعاون ڪنديون. هن چيو ته بطور نگران وزيراعظم منهنجو پهريون سرڪاري دورو ڪراچي جو هو ۽ ان دوري ۾ ڪراچي جي صن??تي ۽ واپاري برادري سان ملاقات ۽ انهن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت جاري ڪرڻ منهنجي اولين ترجيح هئي.