اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي م??ڻهن جي م??لي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي ب??لائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد صحت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهي پالا جي قيادت ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر ۽ خاتون اول جي خصوصي م??ڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ صحت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته خصوصي م??ڻهن جي ب??الي ۽ انهن جي سهولتن لاءِ انهن کي م??دگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي م??ڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ سستي ب??الي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر صحت جي عالمي اداري جي ب??الي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي م??ارڪباد ڏني ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي ۽ صحت جي عالمي اداري کي ب??الي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.