اسلام آباد-19 جولاءِ (اي ??ي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسان جي عورت?? جون صلاحيتون دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن، عورتن کي سڀني شعبن ۾ نمائندگي ڏئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي گامزن ڪري سگهجي ٿو. عورتن جي منشور جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ??ه منهنجي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ??ه مان اڄ عورت ڪاڪس جي تقريب ۾ موجود آهيان، عورتن جي شموليت کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اسان جي عورت?? جون صلاحيتون دنيا جي ڪنهن به عورت کان گهٽ ناهن، مان عورت اسيمبلي ميمبرن کي تمام وڏي ذميداريءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي، مرد عورتن کي معاشري ۾ اڳتي اچڻ ۾ رهنمائي ڪن. اسيمبلي ۾ صنفي امتياز کانسواءِ سڀ ميمبر برابر ه??ند?? آهن صرف ۽ صرف معزز اسيمبلي ميمبر ه??ند?? آهن. راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته جڏهن توهان پارليامينٽ ۾ آهيو ته اتي توهان کي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. عورتون فوري طور تي سڌيءَ ريت چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهن ته گهٻرائڻو ناهي، پنهنجي لاڳاپيل سياسي پارٽيءَ سان پنهنجي وابستگي جاري رکي وڃي، جڏهن سياسي پارٽيون عورتن جي نمائندگيءَ تي سٺو سوچينديون آهن ته باقي پارٽيون به سوچينديون. بلوچستان اسا?? سڀني جو آهي ۽ اسا?? سڀ هڪ آهيون. ڪانفرنس ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ هاڪاري تجويزون پيش ڪيون ويون. ان تي عملدرآمد سان سٺا نتيجا ملندا. ان موقعي تي پارلياماني وومن ڪاڪس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهده رحماني سڀني شرڪت ڪندڙ?? جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڪامياب ڪانفرنس منعقد ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ وومن ڪاڪس جي ڪردار کي ساراهيو.