اسلام آباد – 11 – ??ول??ءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي نفرت، امتيازي سلوڪ، عدم برداشت جي روين جي خلاف متحد ٿيڻ ۽ گڏيل احترام، افهام تفهيم ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻ ??ي زور ڏنو آهي. قرآن پاڪ جي بي حرم??ي جي واقعي سميت مذهبي نفرت پکيڙيندڙ واقعن تي انساني حقن واري ڪائونسل پاران م??عقد هڪ هنگامي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان قرآن پاڪ جي ڄاڻي واڻي بي حرم??ي جا واقعا جاري آهن. هن چيو ته اهي ڪارروايون وڌ کان وڌ نفرت پکيڙڻ جي لاءِ انجام ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته اسان کي نفرت، امتيازي سلوڪ ۽ تشدد کي ڀڙڪائن جي ڪوششن تي نظر رکڻ گهرجي. اسان کي گڏجي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي، اسان کي نفرت پکيڙيندڙن کي جدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽي مهينا اڳ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو پهريون عالمي ڏينهن م??هايو ويو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان م??قعي تي پهريون اجلاس منعقد ڪيو ويو هو. هن چيو ته قرآن پاڪ جي بي حرم??ي جي عوامي ۽ سوچيل سمجهيل عمل سان مسلمانن کي پهچندڙ گهري ڏک کي سمجهڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري قران پاڪ جي بي حرمتي کي مسلمانن جي عقيدي تي حملو قرار ڏيندي يچو ته روڪٿام ۽ احتساب جي لاءِ هن ڪائونسل آڏو پيش ڪيل مسودي جي متن ۾ مطالبو معقول ۽ ضروري هو. هن چيو ته نفرت انگيز تقرير ۽ آزاداڻي تقرير کي جدا جدا ڪرڻ گهرجي ڇو ته اظهار جي آزادي ايتري ئي لازمي آهي جيتري نفرت انگيز تقرير ناقابل دفاع آهي. هن چيو ته دنيا ۾ هڪ به مسلمان م??ڪ اهڙو نه آهي جيڪو ٻين مذهبن جي مقدسات جي بي حرم??ي جي اجازت ڏيندو هجي، هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو عمل ڪنهن به مسلمان جي لاءِ ناقابل تصور آهي.