اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف آذربائيجان جي قومي قائد حي??ر علي??ف جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهبا?? شريف آذربائيجان جي صدر الهام علي??ف جي دعوت تي باڪو آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم آذربائيجان جي قومي قائد حي??ر علي??ف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گل چاڙهيا. وزيراعظم ڪجهه دير کانپوءِ آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ گڏي?? پريس ڪانفرنس ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان اڄ آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي.