اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 2 هزار 231 پوائنٽس جي غيرمعمولي اضافي سبب ڪاروبار جي شروعات تي قوم ۽ ڪاروباري برادري ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان جي مسلسل محنت ۽ درست پاليسين جي نتيجي ۾ معاشي بحالي جا آثار نمايان ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ملڪ ٻيهر ت??قي جي رستي تي گامزن ٿي چڪو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته قائد محمد نواز شريف معاشي ترقي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ پاڪستان جي تعمير ۽ ت??قي جو سفر جتان ڇڏيو هو اتان وري ٻيهر شروعات ٿي رهي آهي، شديد مايوسين کانپوءِ اميد جو نئون سج اڀري رهيو آهي، قوم ??ي مبارڪ هجي. آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي ۽ 3 ارب ڊالر جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي نتيجي ۾ سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو تيزي سان اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. الله ڪري پاڪستان جي ت??قي جو سفر ائين ئي جاري رهي. هن چيو ته پاڪستان جي ت??قي جو ٻج پاڙ پڪڙڻ شروع ٿي ويو آهي. پرخلوص محنت، ديانتداري ۽ سچائي ثمر آڻي رهي آهي، قائد محمد نواز شريف جي تعمير، ت??قي ۽ عوام جي خوشحالي جي ويزن تي هڪ ڀيرو ٻيهر عمل پيرا آهيون، جهڙي طرح 2013ع کان 2018ع دورا?? پاڪستان کي توانائي جي بحران، دهشتگردي ۽ ٻين مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياريو هو، معاشي ت??قي آندي هئي، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي جذبي سا?? پاڪستان کي ت??قي جي راهه تي آڻي رهيا آهيون، قومي ت??قي ۽ معاشي استحڪام جي سفر کي انهي طرف ۽ انهي جذبي ۽ محنت سان جاري رکڻو پوندو، جهڙي طرح نواز شريف جي قيادت ۾ سي پيڪ جي شروعات ڪئي، معيشت بحال ڪئي، مهانگائي 4 سيڪڙو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي ش??ح 2 سيڪڙو تي آندي هئي، ت??قي جي شرح 6.1 سيڪڙو ۽ پاليسي ريٽ ساڍا 6 سيڪڙو تي هو، هاڻي ٻيهر ت??قي جي انهي سفر طرف وڃي رهيا آهيون، هاڻي زراعت، آءِ ٽي، صنعت سميت ٻين سمورن شعبن ۾ ت??قي جو سفر تيز ٿيندو، ٻيهر عوام ??ي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، نوجوانن جي روزگار، ڪاروبار ۽ معاشي خودمختياري سان هڪمنار ڪنداسين.