اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پا??ستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، ميوزڪ پاليسي جي ذريعي ڪيترين ئي مراعتن ۽ سهولتن سا?? ميوزڪ انڊسٽري ک?? نئين زندگي ملندي، پائريسي ۽ ڪاپي رائيٽس سميت ميوزڪ انڊسٽري ک?? ??رپ??ش مسئلا حل ٿيندا، موسيقي پا??ستان جو ڀرپور ۽ تاريخي ورثو آهي جيڪو صوفي شاعرن جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پبلڪ پرفارمنس، پروڊڪشن، ڊسٽري بيوشن، ايڊيپٽيشن، ڊيوريشن، مڪينيڪل ۽ ڪميونيڪشن رائيٽس کي قانوني ڍانچي ۾ آندو پيو وڃي، انهن قدمن ۾ يوزرز اينڊ لائنسز جو مسئلو پڻ حل ٿي ويندو جنهن سا?? ميوزڪ انڊسٽري ک?? فروغ ملندو. هن چيو ته موناپلائيزيشن جي خاتمي سا?? گڏوگڏ ميوزڪ ورڪرز جي بنيادي قانوني حقن جو تحفظ ٿيندو، ڪاپي رائيٽ سميت ميوزڪ اسٽيڪ هولڊرز کي ??رپ??ش مسئلا حل ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ميوزڪ جي تياري، ڳائيندڙن، لکندڙن ۽ ڌُن ٺاهيندڙن جي قانوني حقن جو تحفظ يقيني ٿيندو. جڏهن ته ميوزڪ جي وڪري، ان جي نقل ۽ موسيقي چورائڻ بابت پراڻا مسئلا حل ٿيندا. هن چيو ته ميوزڪ پاليسي پا??يسري ملڪن ۾ لاڳو قانونن ۽ عالمي معيار موجب تياري ڪئي وئي آهي، پراڻي ميوزڪ کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدم پڻ پاليسي ۾ شامل آهن. هن چيو ته مقامي ۽ فوڪ موسيقي، علائقائي زبانن ۾ موسيقي جي لاءِ پڻ قدم پاليسي جو حصو آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گلوڪارن، لوڪ فنڪارن ۽ مقامي ۽ علائقائي موسيقي ک?? فروغ ڏينداسين، ان پاليسي جي ذريعي پا??ستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ قدم کنيا ويندا. هن چيو ته موسيقي پا??ستان جو ڀرپور ۽ تاريخي ورثو آهي جيڪو صوفين جي شاعري، قديم ۽ جديد موسيقي جو نادر مجموعو آهي. هن چيو ته موسيقي پا??ستاني معاشري جي روح چئي سگهجي ٿي، اها قومي، تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ نسل درنسل منتقل ٿيندي پئي اچي. هن چيو ته 1970ع کانپوءِ کان هيستائين ميوزڪ جي شعبي ۾ قانوني، انتظامي يا پاليسي ليول جي ڪا تبديلي ناهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته ڪاپي رائيٽ جي اهميت کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن معياري ميوزڪ ٺهي ۽ عوام تائين پهچي، حقوق ملڪيت دانش، ميوزڪ جي چوري سا?? پا??ستان ۽ ميوزڪ انڊسٽري ٻنهي ک?? نقصان ٿي رهيو آهي.