اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يونان ٻيڙي حادثي جي جاچ ڪميٽي کي ڪارروائي مڪمل ڪري واقعي جي جلد رپ??رٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته واقعي جي ذميوارن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ يونان ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿي?? جي واقعي تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله، مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي، ڊي جي ايف آءِ اي، چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي يونان ويجهو روم سمنڊ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي?? جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پڇاڻو ڪيو ته انساني اسمگلرن جون ڪارروايون وقت سر ڇو نه روڪيون ويون؟ وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته متاثر ماڻهن جو جن ضلعن سان تعلق آهي اتان جي انتظاميا ملوث اسمگلرن ۽ ايجنٽن جي ڪاررواين جو وقت سر نوٽيس ڇو نه ورتو؟ وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي جاچ جي مڪمل نگراني ڪرڻ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيارڻ جي حوالي سان ضروري قانونسازي جي لاءِ تجويزون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾و زيرعاظم کي ٻيڙي اونڌي ٿي?? جي واقعي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوناني ڪوسٽ گارڊ 12 جون تي ٻيڙي جي نشا??ده?? ڪئي جنهن ۾ هڪ اندازي مو??ب 700 جي لڳ ڀڳ ماڻهو سوار هئا. ٻيڙي مصري شخص جي ملڪيت هئي جنهن ۾ اڪثر سوارن جو تعلق شام، ليبيا ۽ پاڪستان سان هو. ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن مان 102 ماڻهن کي ز??ده?? ريسڪيو ڪيو ويو آهي جن مان 15 جو تعلق پاڪستان سان آهي. وزيراعظم چيو ته ٻيڙي اونڌي ٿي?? کانپوءِ هن وقت تائين مجموعي طور تي 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن ۾ ان واقعي جو مرڪزي جوابدار به شامل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته انساني اسمگلنگ ۾ مختلف ملڪن ۾ مو??ود هڪ منظم نيٽ ورڪ ملوث آهي. وزيراعظم ان معاملي جي تفصيلي جاچ کي جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي کي ان جي روڪٿام جا مو??ر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ڪمشنر گوجرانوالا کي پڻ ضلعي ۾ اهڙن ايجنٽس جي نشا??ده?? ڪري انهن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي.