اسلام آباد / مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سان پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ والاريل سرينگر ۾ ڀارت پاران جي – 20 ڪان??رن?? منعقد ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندڙن ۾ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جو صدر چوڌري محمد ياسين، مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سردار يعقوب، فيصل راٺوڙ، جاويد ايوب، ميان وحيد، جاويد بڍانوي، قاسم مجيد، بازل نقوي، نبيلا ايوب، عامر ياسين ۽ سردار ضياءَ قمر شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو ڪشمير معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره پڻ موجود هو. پاڪستان پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري کي آگاهه ڪيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪان??رن?? جو والاريل سرينگر ۾ منعقد ٿيڻ ڪشميرين جي لاءِ ناقابل قبول آهي. هنن بل??ول ڀٽو زرداري کي والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ جي – 20 ڪان??رن?? دوران مظفر آباد ۽ باغ جي دوري جي دعوت ڏني ۽ درخواست ڪئي ته هو ان موقعي تي ڪشميرين جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪري. پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ڪشمير جو ڪيس منهنجي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن جي باغ ۽ مظفرآباد جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي – 20 ڪان??رن?? منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺن. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي دعوت تي پناهگيرن سان ملاقات پڻ ڪندو ان موقعي تي سول سوسائٽي سان پڻ رابطا ٿيندا. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري باغ، آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندو.