اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي کي سا??اه??ندي انشورنس معاملن ۾ انصاف جي ف??اه??ي لاءِ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي وفاقي انشورنس محتسب جي سالياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پيش ڪئي وئي. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام کي انشورنس معاملن ۾ ان??ن کي درن تي انصاف جي ف??اه??ي تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس پاليسين بابت شڪايتن جي حل لاءِ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس معاملن ۾ انصاف جي ف??اه??ي ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب جي سال 2022ع جي ڪارڪردگي کي سا??اه??و. وفاقي انشورنس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس پاليسي هولڊرز کي 2.5 ارب ??پين جو ريليف ف??اه?? ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي انشورنس محتسب 95 سيڪڙو انشورنس ڪي??ز جو ازالو 60 ڏينهن جي اندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻ??ن کي انهن جي درن تي انصاف جي ف??اه??ي لاءِ انشورنس محتسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.