اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سپريم ڪور?? پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي پارليامينٽ مان منظور?? تي مبارڪباد ڏني. هن وزيراعظم کي اتحادين پاران مڪمل ت??اون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.