اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن کي مفت اٽي جي ف??اهمي تمام وڏو قدم آهي، سياسي قيادت، سمورن ادارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ملڪ جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪي خاندان بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ نه آهن ان??ن کي به اٽي جا ٽي ٿيلها فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن راولپنڊي ۾ مفت اٽي جي ف??اهمي جي مرڪزن جي معائني دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو صحت وارو نگران وزير ڊاڪٽر جمال ناصر، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ملڪ ابرار احمد، ڪمشنر اولپندي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم اٽو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ شهرين کان ان??ن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ مفت اٽي جي ف??اهمي ۾ ايندڙ مشڪلاتن جو جائزو ورتو. وزيراعظم کي ڪمشنر راولپنڊي مفت اٽي جي ف??اهمي جي انتظامن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم انتظامن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پنجاب کانسواءِ ٻين صوبن بشمول آزاد ڪشمير ?? گلگت بلتستان جي عوام جيڪا راولپنڊي ۾ رهي ٿي، کي پڻ مفت اٽي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته جيڪي خاندان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رڪارڊ تي نه آهن پر غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، ان??ن کي به مفت اٽي جي ف??اهمي شروع ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ نادرا ۽ پنجاب ان??ارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اڄ کان اهو نظام ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. وزيراعظم چيو ته جن ماڻهن کي نالو نه هجڻ جي بنياد تي مفت اٽو فرا??م نه پيو ڪيو وڃي، هاڻي ان??ن جي لاءِ فوري طور تي ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا ۽ ان??ن کي به اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اڄ اڱاري کان مفت اٽي مرڪزن تي ٽي ٿيلها گڏ ڏنا ويندا ته جيئن ان??ن کي بار بار اچڻ جي زحمت نه ٿئي، جيڪي ماڻهو هڪ ٿيلهو وٺي چڪا آهن ان??ن کي اڳئين ڀيري اچڻ تي گڏ ئي ٻه ٿيلها ملندا. وزيراعظم مفت اٽي جي ف??اهمي جي لاءِ پنجاب حڪومت جي انتظامن کي ساراهيندي چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته مفت اٽي جي ف??اهمي جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ اسان هر دڪان تي سستو اٽو پهچايو ۽ هاڻي مفت اٽي جي ف??اهمي جيڪو هڪ وڏو مشڪل ڪم هو، بهتر طريقي سان پڄاڻي تي پهچي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي تمام وڏو معاشي چئلينج درپيش آهي، ان صورتحال ۾ 10 ڪروڙ ماڻهن جي لاءِ مفت اٽي جي ف??اهمي تمام وڏو قدم آهي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي قائداعظم محمد علي جناح جي خواب جي تعبير موجب تعمير ڪرڻ جي لاءِ سموري سياسي قيادت ۽ ادارن کانسواءِ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.