اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي وزير ڪو تحفو پاڻ و?? ناهي رکيو ۽ هن حڪومت جي پاليسي جي مڪمل تعميل ڪندي سمورا تحفا ڪيبنيٽ ڊويزن جي توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ان حوالي سان ميڊيا ۾ غ??ط رپورٽن?? تي هڪ وضاحتي بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ڪجهه تحفا جن جي ڪيبنيٽ ڊويزن قيمت 30 هزار کان گهٽ ٻڌائي هئي، انهن کي طئي ٿيل طريقيڪار موجب واپس ??يو ويو هو.