اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن طرف ڀرپور ڌيان ڏيڻ گهرجي، احساس فلاحي پر??گر??م غريبن کي ريليف ڏيڻ جو هڪ سٺو مثال آهي جنهن ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪيو ويو، ان پر??گر??م تحت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان مستحقين ۾ رقم ج?? شفاف ورڇ ۾ مدد ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ احساس پر??گر??م کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيل ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ جاري ڪ??ڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر احساس پر??گر??م تحت ٻارن کي تعليمي وظيفا ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪرڻ جي خصوصي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته اهو يقينن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ان ڏس ۾ پر??گر??م ج?? لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته احساس پر??گر??م مان سکي سگهجي ٿو ۽ ان سان غربت گهٽتائي ڪ??ي سگهجي ٿي. صدر چيو ته ماڻهن جي صحت ۽ تعليم حڪومت جي ذميواري آهي، پاڪستان جي عوام دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي خيرات ڪن ٿا. هن چيو ته احساس جا مختلف پر??گر??م اسلام ج?? فلاحي رياست جي جذبي تحت ٺاهيا ويا جن جو مقصد غربت جي خاتمي ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن چيو ته اهڙي قسم جا پر??گر??م جاري رهڻ گهرجن، اهڙي قسم ج?? پر??گر??من ۾ اهم مقصد چوري کي روڪڻ هو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو. صدر عورتن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوامي صحت ۽ تعليم ج?? شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ ترب??ت تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خطي جي ٻين ملڪن تعليم ج?? شعبي تي ڌيان ڏنو پر پاڪستان ۾ ان ڏس ۾ انگ اکر مايوس ڪندڙ آهن. صدر چيو ته اسلام عورتن کي وراثت ۽ ٻيا حق ڏنا آهن ۽ معاشري کي عورتن جي انهن حقن کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي محروم طبقن جي حالت سڌارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته صوبا پنهنجي آمدني جو 25 کان 30 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهن پر ان جي باوجود وڏي انگ ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اڄ به ملڪ جا 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صدر چيو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران ٻين ملڪن جي ابتڙ ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جڏهن ته احساس پر??گر??م ۾ جن شين تي ڌيان ڏنو ويو ان ۾ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ شامل آهي. ان کان اڳ شرڪت ڪندڙن کي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي غربت جي خاتمي جي پر??گر??م ج?? معاشري جي ڪمزور طبقي تي مثبت اثرن کي بيان ڪيو ويو. ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ پاڪستان جي 100 هين سالگرهه تائين ”سڀني جي لاءِ سماجي تحفظ“ جي هدف جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. احساس پر??گر??م ج?? 2019ع ۾ شروع ٿيڻ کانپوءِ احساس ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز منصوبن مان هڪ بڻجي ويو آهي جنهن لکين ماڻهن تائين 16 پر??گر??م فراهم ڪيا آهن. ان پر??گر??م تحت ڪورونا وبا دوران روڪ رقم ج?? منتقلي، ص??ت جي تحفظ، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس، روزگار جي لاءِ روڪ رقم ج?? فراهمي، عارضي رهائش، غذائيت جي پئڪيجز، مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ جا قدم ۽ ٻيا ڪيترائي پر??گر??م شامل آهن. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري پر??گر??م ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته احساس پر??گر??م کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ شفاف بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو، ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڀرپور طريقي تي ڪم ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده حڪومت ان پر??گر??م کي اڳتي وڌائيندي.