آديامان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد اسان جو فرض آهي، ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، پاڪس??ان به هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ۽ ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ترڪيه پاڪس??ان جو پراڻو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي، سرد??ءَ جي موسم لاءِ پاڪس??ان مان اعليٰ معيار جا خيما تيار ڪري فوري طور تي ترڪيه موڪليا ويندا، ترڪ عوام صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ الله جي مدد سان ان بحراني صور??حا?? مان جلد نڪري ايندي، ترڪيه سان گڏجي ان مشڪل جو مقابلو ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف انقره کان آديامان پهتو. وزيراعظم جو آديامان هوائي اڏي تي ترڪ واپار واري وزير مهمت موش، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل اسماعيل اولو، آڊيامان جي گورنر مهمت چوهادار، ترڪ پارليامينٽ ۾ ترڪيه پاڪس??ان فرينڊشپ گروپ جي صدر علي شاهين ۽ ترڪ سفارتي عملدارن استقبال ڪيو. وزيراعظم زلزلي سٽيلن جي لاءِ پاڪستا?? پاران موڪليو ويندڙ امدادي سامان ترڪ عملدارن جي حوالي ڪيو. پاڪ فضائيه جو خصوصي جهاز ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ آڊيامان پهتو هو. آديامان ترڪيه ۾ تازي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ ٿيندڙ شهر آهي. وزيراعظم آڊيامان ۾ ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ زلزلي متاثرين جي ريسڪيو جي لاءِ انهن جي ڪوششن ۽ محنت کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪ فوج ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي امدادي ڪاررواين کي ساراهيو. وزيراعظم ان موقعي تي زلزلي متاثرين سان انهن جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ تي تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو. هن متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو پاڪس??ان جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مشڪل جي هن گهڙ??ءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي آيو آهي، پاڪس??ان مشڪل جي هن گهڙ??ءَ ۾ پنهنجي ترڪ ڀينرن ۽ ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ترڪيه پاڪس??ان جو پراڻو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي، پاڪس??ان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ترڪ خاتون اول امينه طيب اردوا?? پاڻ متاثرين جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي، ترڪيه پارا?? پاڪس??ان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فضائي ۽ زمزني رستن سان ڀرپور امداد پهچائي وئي، اسان اهو جذبو ڪيئن وساري سگهون ٿا جڏهن ترڪ قيادت، حڪومت، واپارين سميت هر طبقي پاڪس??ان جي ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي، ترڪ صدر پاڻ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ان کان اڳ پاڪس??ان مان 500 ٽن امدادي شيون جن ۾ خيما، ڪمبل ۽ خوراڪ ۽ دوائون شامل هيون موڪليون ويون. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو آهي ته پاڪس??ان مان هاڻي سردين جا خيما موڪليا ويندا. وزيراعظم چيو ته هو اڄ شام پاڪس??ان پهچڻ کانپوءِ خيما ٺاهيندڙن سان ملاقات ڪري انهن کي هدايت ڪندو ته اهي سردين جا معياري خيما هنگامي بنيادن تي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي تيار ڪن جيڪي فضائي، سامونڊي ۽ زمزني رستن ذريعي ترڪيه موڪليا ويندا. هن اين ڊي ايم اي چيئرمين کي ان سلسلي ۾ ٽاسڪ پڻ ڏنو. متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪيه هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙ هڪ جان ٻه دلين وانگر آهن، جهڙي طرح ترڪيه پاڪس??ان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي اهڙي طرح هاڻي پاڪس??ان به پنهنجي ترڪ ڀائرن جي امداد لاءِ متحرڪ آهي. وزيراعظم چيو ته ترڪ عوام مشڪل جي هن گهڙ??ءَ مان جلد نڪرندو. وزيراعظم چيو ته هو عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت ٻين عالمي فورمز کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته دنيا ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اڳتي اچي، هي وقت سياست يا ذاتي مفادن جو نه آهي پر متاثرين جي بقاءَ جو سوال آهي، اسان پراعتماد آهيون ته جلد ترڪيه هن مشڪل صور??حا?? مان نڪرندو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم جو خصوصي اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان پڻ او آءِ سي سيڪريٽري کي تجويز ڏيندو. هن چيو ته اڄ وقت آهي ته اسان متحد ٿي ترڪيه جي مدد ڪريون، پاڪس??ان جا ماڻهو ترڪ زبان جڏهن ته ترڪيه جا ماڻهو اردو زبان کان واقف نه هجڻ جي باوجود هڪ ٻئي جو ڏک درد سمجهن ٿا. ان موقعي تي زلزلي متاثري?? پاڪس??ان زندهه آباد جا نعرا هنيا، متاثرين وزيراعظم کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي ان جا ٿورا مڃيا.