اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، هر سال وانگر هن سال به پاڪستاني قوم ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀين??ن جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي لاء?? انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان اڻٿڪ يڪجهتي جو اظهار ڪندا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ معاشري جا سڀ طبقا ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ۽ ڪشميري ان ڏينهن کي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا. ترجمان چيو ته اسان سم??هون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪ??ار جي پرامن حل تي آهي. هن چيو ته اهو ضروري آهي ته ڪشميري عوام گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي راءِ جي ذريعي پنهنجي خودمختياري واري حق جو استعمال ڪن. هن اها ڳالهه زور ڏئي چئي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪ??ار جي منصفاڻ?? ۽ ??رامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀين??ن جي هر ممڪن حمايت جاري رکندو.