اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا دهشتگردي جي هر قسم جي مڪمل خاتمي ۽ عوام جي جا?? ۽ ??ال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي پُختي عزم جو اظهار ڪندي ملڪ جي سمورين سياسي قوتن تي زور ڏنو آهي ته دهشتگردن جي خلاف قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ آواز ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي، سياسي ورڇ ۽ رنجشن کي هڪ طرف رکندي ملڪ ۽ عوام جي م??اد ۾ سموريون سياسي قوتون هڪ ٿي?? ۽ ??تفقه طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ايجنڊا تي گڏ ٿين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ٿي??دڙ اجلاس ۾ پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا پاڪستان جي عوام ۽ ان جي چونڊيل حڪومت جي نمائندگي ڪندي 30 جنوري 2023ع تي پوليس لائينز پشاور جي مسجد ۾ دهشتگردي جي ڏکوئي??دڙ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سمورن متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي ڪري ٿي. پوري قوم شهيدن جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي، پونئيرن کي صبر ۽ زخمين کي صحت ڏي. وفاقي ڪابينا واضح ڪري ٿي ته الله تعاليٰ ج?? گهر ۾ سجدو ڪ??دڙ مسلمانن کي نشانو بڻائي??دڙ مسلمان نه ٿا ٿي سگه?? ۽ ??ه ئي انسان سڏرائڻ جا حقدار آهن، قرآن ۽ سنت ۽ پاڪستان جي اهم عالم سڳورن جي متفقه راءِ جي روشني ۾ اهڙا واقعا حرام ۽ اسلام جي حڪمن جي واضح خلاف آهن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڪابينا پنهنجي پڪي عزم ۽ ارادي جو اظهار ڪري ٿي ته دهشتگردي جي هر قسم جو مڪمل خاتمو ۽ عوام جي جا?? ۽ ??ال جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو. پاڪستانين جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺنداسين. خيبرپختونخواهه جي پوليس ۽ ”ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ“ جي نئين سر تنظيم سازي ڪئي ويندي، معياري تربيت، جديد هٿيارن سميت ضروري ساز۽ سامان جي فراهمي جي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچي سگهجي. ڪابينا ملڪ جي سمورين سياسي قوتن تي زور ڏنو ته دهشتگردن جي خلاف قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هڪ آواز ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي. سياسي ورڇ ۽ رنجشن کي هڪ طرف رکندي ملڪ ۽ عوام جي م??اد ۾ سموريون سياسي قوتون هڪ ٿي?? ۽ ??تفقه طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي ايجنڊا تي گڏ ٿين ته جيئن قومي دفاع، سلامتي ۽ ام?? ۽ ??عيشت جي گهرجن جو موثر انداز ۾ تحفظ يقيني ٿي سگهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم يڪجهتي جي اظهار تي چيني صدر ۽ وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.