پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام جي نالي تي نماز دوران مسجدن ۽ معصوم شهرين تي حملو بدترين فعل آهي، پاڪستاني عوام انتهاپسندن جي بي بنياد نظريي ۽ مذهب جي غلط تشريح ڪندڙ عنصرن جي اصلي چهرين کي سڃاڻي ورتو آهي، اهڙا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خلاف اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، معصوم شهرين تي ڪيل ان حملي ۾ ملوث شرپسند عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم هنگامي دوري تي پشاور پهتو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير وزيرا??ظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ گڏ هئا. ان موقعي تي وزيرا??ظم شهباز شريف کي ڪور ڪمانڊر پشاور دهشتگردي جي سببن جي حوالي سان بريفنگ ڏني جڏهن ته انسپيڪٽر جنرل پوليس خيبرپختونخواهه پوليس لائينز ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي تي شروعاتي جاچ رپورٽ پيش ڪئي. وزيرا??ظم کي پوليس لائينز ۾ خودڪش حملي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ ڏيکاري وئي. شرڪت ڪندڙن پوليس لائينز حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه ??واني ڪئي ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي دفاع تي مقرر ا??ار?? تي حملا ڪري خوف ۽ دهشت جي فضا پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن کي رياست ۽ عوام جي اتحاد جي قوت سان ناڪام بڻائينداسين. دهشتگردي جي خلاف پاڪستان عظيم قربانيون ڏنيون آهن، اسان شهيدن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين. وزيرا??ظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي وارن ا??ار??، پوليس جي صلاحيت ۽ سگهه ۾ اضافو ڪيو ويندو، نيشنل ايڪشن پلان تي پوري قوت سان عملدرآمد يقيني بڻائينداسين. ٻئي طرف وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور جو دورو ڪيو. پوليس لائينز ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي عيادت ڪئي ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم چيو ته الله تعاليٰ جي گهر ۾ سجدو ڪندڙ نمازين جو رت وهائيندڙ مسلمان نٿا ٿي سگهن. اهو ڏوهه ڪندڙ الله تعاليٰ جي پڪڙ کان بچي نه سگهندا، انهن ڏوهارين جو مڪمل خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيرا??ظم زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته اسلام جي نالي تي نماز دوران مسجدن ۽ معصوم شهرين تي حملو ڪرڻ بدترين فعل آهي. پاڪستاني عوام انتهاپسند جي بي بنياد نظريي ۽ مذهب جي غلط تشريح ڪندڙ عنصرن جي اصلي چهرن کي سڃاڻي ورتو آهي. اهڙي طرح جا بزدلاڻا حملا دهشتگردي جي خلاف اسان جي قومي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، معصوم شهرين تي ڪيل ان حملي ۾ ملوث شرپسند عنصرن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.