اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پنجاب جو نگران وڏو وزير بڻجڻ تي محسن نقوي کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري جو فيصلو ڪيو. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، اميد آهي ته شفاف، آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي چو??ڊن جون سڀئي گهرجون پوريون ٿينديون. وزيرا??ظم امي?? ظاهر ڪئي ته محسن نقوي آئين جي گهرجن ??وجب ان ذميواري ۾ سرخرو ٿيندو. هِن چيو ته منهنجي دعا آهي ته هو ان آئيني ۽ عوامي فرض ۾ ڪامياب بڻجي. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر طور توهان جي مقرري جي آجيان ڪريان ٿو. وزيرا??ظم پنجاب جي نگران وڏي وزير جي لا??ِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.