اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ??عليم ا??ساني ترقي جو هڪ اهم عنصر ۽ پاڪستان جي هر شهري جو بنيادي حق آهي، تعليم جو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي سان گهرو تعلق آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نوجوانن کي باعزت روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائينداسين، انهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب قابل قدر مهارتون فراهم ڪنداسين ۽ تعليمي نظام ۾ بهتري آڻينداسين. صدر اهڙن خيالن جو اظهار تعليم جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو ??يڪو اڱاري ڏينهن ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته ??نساني وسيلن ۾ خاطرخواهه سيڙپڪاري کانسواءِ ڪو به ملڪ پائيدار اقتصادي ترقي حاصل نه ٿو ڪري سگهي، خواندگي جي شرح تعليم جي سطح کي ماپن جو هڪ اهم اشارو آهي ۽ خواندگي جي شرح ۾ اضافي جو خوشحالي جي ٻين اهم اشارن تي پڻ گهرو اثر پوي ٿو. صدر چيو ته ??عليم وسيع تر معنيٰ ۾ ماڻهن ۽ ادارن جي سگهه ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪري ٿي ۽ اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ آبادياتي تبديلين ۽ قومي ترقي ۾ پڻ تيزي آڻي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??عليم ترقي جو هڪ طاقتور محرڪ آهي ۽ غربت گهٽ ڪرڻ ۽ صحت، صنفي برابري، امن ۽ استحڪام يقيني بنائڻ جي موثر ترين ذريعن مان هڪ آهي، تعليم جي آمدني تي وڏا ۽ مستقل اثر پون ٿا ۽ اهو برابري ۽ شموليت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پڻ سڀ کان اهم عنصر آهي. هن چيو ته ??عليم م??ڻهن جي لاءِ روزگار ۽ صحت ۾ بهتري ۽ غربت ۾ گهٽٽائي جو سبب بڻجي ٿي، معاشرن ۾ تعليم جي ڪري ڊگهي مدي واري اقتصادي ترقي، جدت کي فروغ ملي ٿو، ادارا مضبوط ٿين ٿا ۽ سماجي هم آهنگي کي فروغ ملي ٿو. هن چيو ??ه قائداعظم م??مد علي جناح پاڪستان جي تعليمي نظام کي سمورا قومي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم م??رڪ تصور ڪندو هو، ڪراچي ۾ ٿيندڙ پهرين تعليمي ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته ??عليمي نظام پاڪستان جي قومي امنگن موجب ڪم ڪندو ۽ ان جو پاڪستاني عوام جي ضرورتن سان حقيقي معنيٰ ۾ تعلق هوندو. صدر چيو ??ه هن وقت نوجوان نسل پنهنجي مستقبل بابت غيريقيني جو شڪار آهي ۽ ڪيترائي نوجوان ترقي يافته ملڪن ۾ هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ پاڪستان کي ڇڏي رهيا آهن، اسان کي انهن کي قابل قدر تعليم فراهم ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلائن ۾ اضافي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ??ڄ جي ڏينهن پاڪستان سمورن ٻارن کي اسڪولن تائين پهچ فراهم ڪري 2030ع جي پائيدار ترقي جي ايجنڊا تحت خواندگي جي شرح ۾ اضافو ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو، اسان ان ڳالهه جو به وچن ڪريون ٿا ته ??ديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان نوجوانن کي باعزت روزگار حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائينداسين، انهن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب قابل قدر مهارتون فراهم ڪنداسين ۽ تعليمي نظام ۾ بهتري آڻينداسين.