اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??شم??رين جي آزادي جدوجهد جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو جڏهن ته آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيئر سياسي قيادت متفقه طور تي پنج نقاطي قرارداد منظور ڪئي آهي جنهن ۾ ڀارت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجا غيرآئيني، غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻا قدم واپس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاران آزاد ??شم??ر جي سينيئر قيادت کي مانجهاندي تي گهرايو ويو جنهن ۾ آزاد ??شم??ر جي وقتي صدر چوڌري انوارالحق، وزيراعظم سردار تنوير الياس، اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان ۽ قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيئر قيادت شرڪت ڪئي. ان موقعي تي منظور ڪيل 5 نقاطي قرارداد ۾ ڀارت کان مطالبو ڪيو ويو ته 42 لک کان وڌيڪ غير??شم??رين کي غيرقانوني طور تي ڊوميسائيل جاري ڪري ۽ انهن کي ??شم??ري زمين خريد ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ??شم??ر جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ جي پنهنجي غيرقانوني قدم کي واپس وٺي ۽ 10 کان وڌيڪ ڀارتي قابض فوج جي هٿان بيگناهه ??شم??رين تي مسلسل ڪيل ظلمن، ڌمڪين ۽ ايذاءَ پهچائڻ ۽ تذليل بند ڪئي وڃي. قرارداد ۾ عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڏنو ويو ته اهي ??شم??ر تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ غيرجانبداراڻو ريفرنڊم منعقد ڪرڻ جي لاءِ بامعنيٰ ۽ فيصلائتا قدم کڻن. ??شم??رين کي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جو حق استعمال ڪرڻ جي اجازت ۽ ميڊيا کي آزادي ڏني وڃي، ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ??شم??ر ۾ ميڊيا کي بليڪ آئوٽ ڪرڻ جي لاءِ ڀارت پاران هنيل سخت پابندين جو نوٽيس وٺي، صحافين ۽ ميڊيا کي موجوده انساني حقن جي سنگين صورتحال تي غيرجانبداراڻي ۽ سچائي تي ٻڌل معلومات فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي لاءِ بامعنيٰ قدم کڻي. قرارداد ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جي قيادت کان مطالبو ڪيو ويو ته اهي سرحد پار بنا ڪنهن رڪاوٽن جي چرپر جي اجازت ڏين ته جيئن ور?? ٿيل رياست جي ٻنهي پاسي جي ??شم??رين کي پنهنجي رشتيدارن سان ملڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهجي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ پوري پاڪستاني قيادت ڀلي ان جي سياسي وابستگين سان مٿانهون ??شم??ر ڪاز جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ??شم??رين جي خودمختياري جي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. هن چيو ته آزادي پسندن ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ واضح فرق آهي ۽ ??شم??ري ڀينر ڀائر هر طرح سان آزادي جي منصفاڻي جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي آزادي جي تحريڪن کي ڄاڻي واڻي، غلط ۽ بنا جواز جي دهشتگردي جي تحريڪ سان تشبيهه ڏني وئي جڏهن ته اهڙي طرح جي ٻين تحريڪن کي جائز قرار ڏنو ويو. صدر تجويز ڏني ته ميڊيا انسانيت جي خلاف دنيا ۾ ڪٿي ب?? ٿيندڙ ڪنهن به ناانصافي کي دنيا تائين پهچائڻ جو سڀ کان موثر ذريعو آهي، ان کي ??شم??رين جي خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي آواز ۽ امنگن کي بلند ڪرڻ جي لاءِ پڻ موثر طريقي سان استعمال ڪرڻ گهرجي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻي قدمن کي اجاگر ڪن جن هڪطرفي طور تي ??شم??رين کي انهن جي خصوصي حيثيت ۽ تحفظ کان محروم ڪري ڇڏيو هو جيڪو انهن کي ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي تحت فراهم ڪيو ويو هو. هن چيو ته عالمي ميڊيا کي به آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ ??شم??رين کي ملندڙ سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي آزادين جي ڀيٽ ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي ڀارتي قبضي هيٺ والاريل ??شم??ر ۾ ??شم??رين تي ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ، تذليل ۽ جبر سان ڀيٽ ڪرڻ گهرجي. صدر وڌيڪ چيو ته والاريل ??شم??ر ۾ اسان جي ??شم??ري ڀائرن لاعتداد قربانيون ڏنيون آهن ۽ هڪ اندازي موجب 500000 کان وڌيڪ ??شم??رين شهادتون قبول ڪيون، 30000 عورتون کي بيواهه ڪيو، 10000 جي عصمت دري ڪئي وئي، ڪيترن ئي ماڻهن کي ”اڌ بيواهه“ بڻايو ويو ۽ هزارين ??شم??ري سڄي زندگي جي لاءِ معذور ۽ نابينا ٿي چڪا هئا. هن چيو ته منصفاڻي مقصد جي لاءِ انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ انشاءَ الله اهي ويجهي مستقبل ۾ پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪري وٺندا. صدر چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ??شم??ر جو تڪرار گڏيل قومن ۾ اٿاريو ۽ ان جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن ۾ ريفرنڊم جو واعدو ڪيو ويو پر بدقسمتي سان ??شم??ر تڪرار کي ٻين تڪرارن جي ڀيٽ ۾ ان جي مناسب اهميت نه ڏني وئي. ان کان اڳ آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جي وقتي صدر انوارالحق، آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جي وزيراعظم سردار تنوير الياس، آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جي اڳوڻي وزيراعظم سردار عتيق احمد خان ۽ آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر قانونساز اسيمبلي ميمبرن پنهنجي خطابن ۾ ظالمن پاران مسلسل ڪيل ظلمن تي روشني وڌي. ڀارتي قابض سيڪيورٽي فورسز معصوم ??شم??رين جي خودمختياري جي حق ۽ ريفرنڊم جي مطالبي جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ انهن جي خلاف ظلم ڪري رهي آهي. انهن جو چوڻ هو ته سرحدن جي هن پار ??شم??ري پنهنجي سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي روايتن ۽ اصولن موجب ڏاڍ، ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ هراسان ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي خوابن جي تعبير ۽ تعاقب جي لاءِ پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا. انهن جو چوڻ هو ته سڄي دنيا ۾ ??شم??ر مسئلي تي پنهنجي موقف ۽ آواز کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪا به ڳالهه ٻولهه ڊائيلاگ يا حڪمت عملي ٺاهڻ وقت ??شم??ري قيادت کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. هنن چيو ته والاريل ??شم??ر ۽ آزاد ??شم??ر جي سمورن ??شم??رين پاڪستان جو حصو بڻجڻ جو خواب ڏٺو ۽ خواهش ڪئي ۽ پوري ??شم??ري قيادت انهن جي سياسي وابستگين کان هٽي ڪري ”اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهي“ جي نعري جي حمايت ڪئي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جو آزاد ڄمون ۽ ??شم??ر جو دورو ??شم??ر جي آزادي جي تحريڪ جي تاريخ ۾ هڪ اهم قدم آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته او آءِ سي ??شم??ر ڪاز کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ۽ ان جي جلد حل ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. بعد ۾ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ??شم??ر جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ پاڪستان جي خوشحالي ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر تڪرار جي جلد حل لاءِ دعا ڪئي.