ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊال?? جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف ابوظهبي جي دوري جي پهرين ڏينهن گڏيل عر?? امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستا?? جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عر?? امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف ڀائر ملڪ جي دوري جي دعوت ??ي گڏيل عر?? امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عر?? امارات جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي ??ي گڏيل عر?? امارات جي صدر 2 ارب ڊال?? جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊال?? جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محم?? شهباز شريف يو اي اي جي صدر کي پاڪستا?? جي دوري جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو اظهار ڪيو جنه?? جي لاءِ تاريخ جو تعين سفارتي ذريع?? جي ذريعي ڪيو ويندو.