اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ساهيوال مان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها گرفتاري سياسي ا??تقام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ڪرڻ انتهائي ا??سوسناڪ آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته عمران خان جي چوڻ تي ا??نٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي ا??تقام جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ اڄ به بدترين سياسي ا??تقام جي پنهنجي منفي روش تي ڪاربند آهي، چار سال توهان اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏسي چڪا آهيو، سياسي ا??تقام جو ملڪ ۽ عوام ??ي ??اق??بل تلافي نقصان ٿيو. هن چيو ته نيب، ايف آءِ اي وا??گر هاڻي ا??نٽي ڪرپشن پنجاب کي سياسي مخالفن جي سياسي استعمال ڪرڻ انتهائي ا??سوسناڪ ۽ قابل مذمت آهي، سياسي ا??تقام سان مخالفن ??ي ڌمڪائڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم گرفتار قومي اسيمبلي ميمبر محمد اشرف سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.