اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته گڏيل ع??ب امارات مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستانين کي ويزائون جا??ي ڪرڻ تي ڪا پابندي ناهي هنئي ۽ انهن کي بليڪ لسٽ ناهي ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته اسان ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهون ٿا ته گڏيل ع??ب امارات پاران پاڪستاني شهرين کي ويزا جا??ي ڪرڻ تي اهڙي ڪا پابندي نه آهي. پرڏيهي آفيس جو اهو جواب گڏيل ع??ب امارات پاران مخصوص شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين کي ويزائون جا??ي ڪرڻ تي بليڪ لسٽ يا پابندي جي خبرن تي صحافين جي سوالن جي جواب ۾ آيو آهي. ترجمان گڏيل ع??ب امارات پاران ڪجهه شهرن سان تعلق رکندڙ پاڪستاني شهرين کي ويزا فراهم نه ??رڻ جي خبرن جي پڻ سختي سان ترديد ڪئي آهي. گڏيل ع??ب امارات جي قونصليٽ جنرل ڪراچي بخيت عتيق الرميٿي چيو ته گڏيل ع??ب امارات جي حڪومت اهڙي ڪا پابندي ناهي هنئي.