اسلام آباد- 08 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين کي نظر ۾ رکندي پائيدار ۽ ماحول دوست گهرن جي تعمير جي حوصلا افزائي لاءِ سازگار پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي آهي جنهن سان لکين گهر تباهه ٿيا آهن ۽ معيشت کي 1.2 کرب روپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته ??ڪومت ملڪ ۾ ماحول دوست ۽ گرين هائوسز کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيون پاليسيون ٺاهڻ تي ڌيان ڏئي ٻوڏ ۽ آبهوا جي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ شهري آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اهو رجحان برقرار رهيو ته مستقبل ۾ 60 سيڪڙو آبادي شهري علائقن ۾ رهندڙ هوندي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته ??هرن ۾ بهتر ميونسپل سروسز سان گڏ پائيدار اربنائيزيشن کي هٿي ڏني وڃي ته ??يئن شهري آبادين تي دٻاءُ گهٽ ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ منسٽري آف هائوسنگ اينڊ ورڪس ۽ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ من??قد ٿيل پهرين انٽرنيشنل هائوسنگ ايڪسپو جي افتتاحي ت??ري?? ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو 8 کان 11 ڊسمبر 2022ع تائين جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ جاري رهندو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي اعزازي مهمان طور ت??ري?? کي خطاب ڪندي چيو ته ??عميراتي صنعت جو معيشت جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??سٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ حڪومت نجي شعبي جي مشاورت سان تعميراتي صنعت جي بهتر ترقي لاءِ وڌيڪ ساز گار پاليسيون جوڙين. هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي سيڪريٽري افتخار علي شانواني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماڻهن کي سستا گهر فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميداري آهي تنهن ڪري حڪومت نجي شعبي جي تعاون ۾ ان طرف اڳڀرائي ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي آذربائيجان جو سفير خضر فرهادوف، ايٿوپيا جو سفير جمال بيڪر عبدالله، اسپين سفارتخاني جو نمائندو، آءِ سي سي آءِ جي اڳوڻن صدرن، ايگزيڪيٽو ميمبرن، نمائش ڪندڙ ۽ بزنس ڪميونٽي جو هڪ وڏو انگ موجود هو.