اسلام آباد– 23 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ اسڪرين ٽوئرازم اهم مقام حاصل ڪري چڪي آهي، اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي اسان نه رڳو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي سگهون ٿا پر پنهنجي ثقافت ۽ معاشرتي قدرن کي پڻ فروغ ڏئي سگهون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي فلم ۽ فاطمه جناح وومين ??ون??ورسٽي جي وچ ۾ ”نقش ڊيجيٽل فلم“ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريبن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان جي فلم انڊسٽري تمام گهڻين ڏکين حالتن کي منهن ڏنو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ فلمسازي جي لحاظ کان هڪ وڏو ملڪ هجڻ سان گڏوگڏ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي مقابلي ۾ فلمي صنعت جو سڀ کان وڏو پروڊيوسر ملڪ هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ 30 کان 40 سالن ۾ فلم انڊسٽري تقريبن ختم ٿي چڪي هئي، گذريل 10 سالن ۾ فلم انڊسٽري ٻيهر بحالي طرف گامزن ٿي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي گذريل حڪومت جي دور ۾ 2018ع ۾ پاڪستان جي 0 هين سالگرهه جي موقعي تي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي جاري ڪئي، اها پاليسي پاڪستان جي 70 سالا تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تيار ڪئي وئي هئي، اهو اسان جو هڪ اڻمڪمل ٽاسڪ هو جيڪو اسان اپريل 2022ع ۾ ٻيهر شروع ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ”نقش ڊيجيٽل فلم“ پروگرام کي ڪاميابي سان جاري ڪرڻ تي فاطمه جناح وومين ??ون??ورسٽي جي پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته فلم انڊسٽري جو فروغ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فلم انڊسٽري ۾ روزگار جي گهٽ موقعن جي ڪري پاڪستان ۾ شاگرد عام طور تي ان ڊگري طرف گهٽ اچن ٿا. هن چيو ته فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ پاڪستان حڪومت فلم انڊسٽري تي ٽيڪس زيرو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ فلمسازي سان ٿيندڙ آمدني تي هاڻي ڪو ٽيڪس نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت ”فلم فنانس فنڊ“ جوڙي رهي آهي جنهن ۾ نوجوان فلمسازن کي آسان پهچ دستياب هوندي. هن چيو ته ان فنڊ جي ذريعي نوجوانن کي قرضن بدران گرانٽ فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ان فنڊ ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پڻ پهريون ڀيرو انگيج ڪيو ويو آهي، ڪا به ڪارپوريٽ لسٽڊ ڪمپني فلم جي تياري لاءِ ان فنڊ ۾ حصووٺندي ته ان سان ٿيندڙ آمدني ٽيڪس کان ڇوٽ هوندي. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ ڪئميرا، اوزارن، سئنيما اوزارن سميت ٻين ايڪوئپمينٽس جي درآمد تي ڪو ٽيڪس ۽ امپورٽ ڊيوٽي نه آهي. هن چيو ته سئنيما گهر جي اندر انٽرٽينمنٽ ٽيڪس پڻ زيرو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ نئين سئنيما گهرن جي 10 سالن تائين آمدني تي به ڪو ٽيڪس نه هوندو. هن چيو ته راولپنڊي، لاهور، ڪراچي ۾ مشهور سئنيما گهرن کي لينڊ مارڪس جي حيثيت حاصل هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سئنيما گهر بند ٿيڻ جي ڪري فلم ٺهڻ پڻ بند ٿي وئي هئي، راولپنڊي ۾ شبتان، گلستان ۽ نادر سئنيما جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اهي راولپنڊي جون مشهور لينڊ مارڪس هيون. بدقسمتي سان پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن م موجود ماضي جا مشهور سئنيما گهر پيٽرول اسٽيشنن، شادي هالز ۽ پلازائن ۾ منتقل ٿي ويا. هن چيو ته سئنيما گهر قائم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪندي حڪومت ٻيهر ٺهڻ سان سئنيما گهرن جي آمدني تي 10 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي. هن چيو ته ڪو به ڪارپوريٽ سيڪٽر فلم ليب ۽ فلم اسٽوڊيوز ۾ سيڙپڪاري ڪندو ته ان جي آمدني تي پڻ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي فلم پاليسي بابت سموري معلومات وزارت جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. هن چيو ته اها رڳو پاليسي نه آهي پر ان تي عملدرآمد پڻ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته فاطمه جناح ??ون??ورسٽي پاران نقش ڊيجيٽل فلم جهڙن قدمن سان پاڪستان ۾ فلمي صنعت کي فروغ ملندو. هن چيو ته اهڙا پروگرام پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي 66 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي نوجوانن کي فلمسازي ۾ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهي ئي اهي طريقا آهن جن جي ذريعي اسان راءِ جو اظهار ڪري سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير فاطمه جناح وومين ??ون??ورسٽي ۾ ميڊيا اسٽڊيز اينڊ ڪم??ون??ڪشن سينٽر کي ساراهيندي چيو ته فاطمه جناح ??ون??ورسٽي جي نقش ڊيجيٽل فلم جي لاءِ پي ٽي وي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندو. هن چيو ته پي ٽي وي وٽ جيڪو انفراسٽرڪچر موجود آهي اهو ڪنهن ٻئي چينل وٽ نه آهي، پي ٽي وي هڪ انٽرنيشنل براڊڪاسٽر آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان فاطمه جناح وومين ??ون??ورسٽي جي ان پروگرام جي لاءِ پنهنجو پليٽ فارم مهيا ڪندا. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن جي ٽيلينٽ کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فلمون ڪنهن به معاشري جي قدرن جي عڪاسي ڪن ٿيون. تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي وي جي ايم ڊي سهيل علي خان چيو ته شارٽ فلم پي ٽي وي جو لازمي جز آهي، اطلاعات واري وفاقي وزير جي ڪ??شش?? سان پي ٽي وي گهٽ وقت ۾ شارٽ فلمن جي تياري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان کي ??ون??ورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ موجدو ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي ضرورت آهي، نوجوانن کي وڌ کان وڌ موقعا ڏيڻ گهرجن. تقريب کي فاطمه جناح ??ون??ورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئر??رس?? ۽ سوشل سائنسز ڊپارٽمينٽ جي سينيئر رپورٽنگ آفيسر پروفيسر ڊاڪٽر ثروت رسول پڻ خطاب ڪيو. مفاهمت جي ياداشت تي پي ٽي وي فلمز جي هيڊ نريتا ۽ فاطمه جناح وومين ??ون??ورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئر??رس?? ڊاڪٽر ثروت رسول صحيحون ڪيون. تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، پي ٽي وي جي ايم ڊي سهيل علي خان، پي ٽي وي فلم جي هيڊ نريتا، فاطمه جناح وومين ??ون??ورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف انگلش جي چيئر??رس?? ڊاڪٽر ثروت رسول، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ڪم??ون??ڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊاڪٽر محمد علي، اسسٽنٽ پروفيسر ڊپارٽمينٽ آف ڪم??ون??ڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز ڊاڪٽر شازيه، سينيئر ليڪچرر ڊپارٽمينٽ آف ڪم??ون??ڪشن اينڊ ميڊيا اسٽڊيز يوسف، او آر آءِ سي جي مئنيجر ڊاڪٽر عماد سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.