اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرڪاري شعبي ۾ 2000 ميگاواٽ شمسي بج??ي جو منصوبو لڳائڻ جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جا منصوبا شروع ڪري رهي آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنياد تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي حو??لي سان اعليٰ سطحي جائزه ا??لا?? ??ي صدارت ڪندي ڪيو. ا??لا?? ۾ اڳوڻ?? وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاق?? وزير اسحاق ڊار، واپار واري وفاق?? وزير سيدنويد قمر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاق?? وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم ??ي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ا??لا?? ۾ ملڪ ۾ ٻارڻ سان هلندڙ بجلي گهرن کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حو??لي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حو??لي سان 14 سيپٽمبر 2022ع تي هڪ انويسٽرز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ مقامي ۽ عالمي ملڪن بشمول سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چين ۽ قطر مان سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي نئين پاور پلانٽس جي لاءِ جڳهه جي چونڊ جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مظفر ڳڙهه جي ويجهو هڪ جڳهه جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي جتي 600 ميگاواٽ جي شمسي توانائي سان هلندڙ پاور پلانٽ جي تعمير ڪئي ويندي. ان کانسواءِ شمسي توانائي سان هلندڙ 11 ڪي وي جي فيڊرز جي حو??لي سان منصوبابندي ڪئي پئي وڃي. ا??لا?? کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حو??لي سان فريم ورڪ ۽ ٽيرف جي حو??لي سان ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پاور ڊويزن، متبادل توانائي جي ترقي جي بورڊ، سينٽرل پاور پرچيزنگ ڪمپني، نيپرا ۽ ٻين ادارن جي وچ ۾ مشاورت جاري آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ ٽائيم لائينز کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن جلد کان جلد شمسي توانائي سان ٺهندڙ بجلي کي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪري سگهجي. ا??لا?? کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتق??ي جي حو??لي سان به ڪم ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ ٽيوب ويلز شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حو??لي سان ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي جنهن ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاق?? وزير طارق بشير چيما، پاور ڊويزن وارو سيڪريٽري ۽ پاڻي وسيلن واري وفاق?? وزارت جو هڪ نمائندو شامل هوندو. ا??لا?? ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته حڪومت ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ جي شمسي توانائي جي منصوبي کي جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن سان گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، شمسي توانائي جي منصوبي سان ملڪ جو دارومدار مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ منصوبن تان ختم ٿيندو ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. هن چيو ته منصوبي تحت چئني صوبن ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي ترجيحي بنيادن تي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو، شمسي توانائي جي استعمال سان ڊسٽري بيوشن ۽ لائين لاسز، بج??ي جي چوري ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جي مسئلن جو خاتمو ممڪن ٿيندو. هن چيو ته شمسي توانائي جي حو??لي سان سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي حڪومت پاران خودمختيار ضمانت ڏني ويندي.