اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪس??ان حڪومت جي ٻوڏ متاثرن ۽ متاثر علا??قن جي بحاليءَ لاءِ هنگام?? امدادي ڪمن ۾ مدد لاءِ 30 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اها گرانٽ آبادگارن جي فصلن کي نقصانن جي ازالي، بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ متاثرن جي آبادڪاري جي مد ۾ فراهم ڪئي ويندي. تفصيل مطابق ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪس??ان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي. ايشيا پيسفڪ ڊزاسٽر ريسپانس فنڊ کان مالي اعانت ٿيندڙ اها گرانٽ سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ خوراڪ جي سامان، خيمن ۽ ٻين امدادي سامان جي فوري خريداري لاءِ فنڊ فراهم ڪئي ويندي. اي ڊي بي اعلان مطابق ٻوڏ سان متاثرعلا??قن ۾ رليف لاءِ 30 لک ڊالرن جو فنڊ فراهم ڪيو ويندو، رقم سا?? ٻوڏ سبب غريب ۽ مستحق ماڻهن سبب بيمار عورتن ۽ ٻارن جي مدد ڪئي ويندي. فنڊن مان آبادگارن جي فصلن جي نقصان جو ازالو، ٻيهر فصلن جي پوکيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ هوندو ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل روڊن، پُلن، گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عمارتن جي نئين سر تعمير ۾ مدد ملندي. اي ڊي بي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو آهي ت?? اسان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهيون. اسان هن قدرتي آفت سبب تباهه ڪُن اثرن تي ضابطو آڻڻ ۽ متاثر ڪٽنبن جي فور?? امداد فراهم ڪرڻ ۾ پاڪس??ان جي مدد ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ ٻين ترقياتي شراڪتدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهيون. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ت?? اسان جي ٽيم ڊگهي مُدي واري بحاليءَ لاءِ پاڪس??ان حڪومت ۽ ا??ان جي برادريءَ سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي.