اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هٿياربند فوج لاتعداد قربانيون ڏئي ملڪ کي ٻاهرئين ۽ اندروني خطرن کا?? ڪاميابي سان محفوظ ڪيو آهي ۽ هر قسم جي آفتن ۾ سول انتظاميا جي مدد ڪئي آهي، جوانن کا?? وٺي ??نر?? تائين ڪنهن جي حب الوطني تي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، پاڪستان ۾ مقرر ٿيندڙ سمورا آرمي چيف محب وطن آهن. صدر پاڪستاني عوام، ادارن ۽ ميڊيا تي زور ڏنو ته اهي ان معاملي تي شڪ شبها ۽ تڪرار پيدا ڪرڻ کا?? پاسو ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته بطور صدر مون کي موجوده حڪومت سميت رياست جا سمورا ادارا عزيز آهن ڇو ته سمورن ادارن جي اونرشپ صدر جي ذميواري آهي. پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي روشني وجهندي صدر ٻوڏ واري پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ جاني، معاشي ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ وڏا ڊيم ٺاهڻ ج?? ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ذخيرو ٿيل پاڻي کي شهري مرڪزن کي سپلائي سان گڏوگڏ زراعت جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. صدر چيو ته اتر ۾ دريائن جي ڪنار?? تي قبضن ۽ غيرقانوني اڏاوتن جي ڪري دريائي رستو رڪجي وڃڻ جانين ۽ ملڪيتن جي نقصان جو هڪ وڏو سبب آهي. هن حڪومت تي زور ڏنو ته اها ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پڻ درياءَ جي رستي تي ڪي قبضا نه ڪيا وڃن. هن چيو ته حڪومت بلوچستان ۾ اٽڪل 800 پاڻي ذخيرا ۽ ڊيلي ايڪشن ڊيم ٺاهڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي ته جيئن برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي کي محفوظ ڪري سگهجي، مستقبل ۾ ٻوڏ کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ۽ گڏ ئي زمين هيٺ پاڻي جي ذخيرن کي ڀري سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان کي برساتن ۽ گليشيئرز جي پگهڙڻ سان ساليانو 150 ايم اي ايف پاڻي ملي ٿو، جنهن جو وڌيڪ موثر طريقي سان انتظام، ورڇ ۽ ذخيرو ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ پاڻي بابت مسئنل کي حل ڪرڻ جي لاءِ دريائن ۽ پاڻي وسيلن بابت موجوده ادارن کي مضبوط ۽ موثر بڻائڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت، ٽيلي ??يٽ??ي سسٽم ۽ سيٽلائيٽ انهن موثر اوزارن ۾ شامل آهن جيڪي پاڻي جي ورڇ جي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. صدر چيو ته گليشيئرز خطرناڪ رفتار سان پگهڙي رهيا آهن جنهن سان شديد نقصان ٿيو آهي. ٻوڏ جي امداد جي ورڇ ۾ بدعنواني جي امڪانن بابت سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته ڪرپشن جي الزامن ۽ واقعن کا?? بچڻ جي لاءِ ٻوڏ جي فنڊز جي استعمال ۽ منصوب?? تي عملدرآمد ۾ شفافيت ۽ منصفاڻي عمل ج?? ضرورت آهي. هڪ ٻئي سوال تي صدر چيو ته خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اسيمبلين ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي خلاف قرادادون پاس ڪيون آهن، ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي لاڳاپيل ادارا ڌرين سان گڏجي نئين سر غور ڪري سگهن ٿا ته جيئن انهن جي موقف کي سمجهي سگهجي ۽ شڪ ۽ شبهن کي ختم ڪري سگهجي ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪري سگهجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سياسي طور تي پولرائيزڊ ۽ چارج ماحول جي وچ ۾ هو ڪنهن اداري يا شخصيت بابت ڪو تڪرار پيدا نه ٿو ڪرڻ چاهي ۽ ڪنهن به قسم جي تبصري يا بيانن کي حوالي ۽ حقيقت کا?? هٽي ڪري نشر ڪرڻ کا?? پاسو ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته پردي پويان هو سياسي پولرائيزيشن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس ڪوشش جو واحد مقصد ڌرين جي وچ ۾ موجود بدگمنانين ۽ غلط فهمين کي سمجهڻ ۽ ختم ڪرڻ آهي ته جيئن انهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي ۽ عظيم تر قومي مفاد ۾ اهم معامل?? تي وچولو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي.