اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوجرانوالا ۾ ٽريفڪ ح??دثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عورتن سميت فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. ٽريفڪ ح??دثن جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت کي سڌارن جي هدايت ڪريون ٿا. بهتر رستن جي تعمير ۽ انتظامي قدمن سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪنداسين. هن ??عا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام، وارثن کي صبر جميل ڏي، هن ??خمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.