اسلام آباد – 13 – اپريل (اي پي پي) متحده عرب امارات جي صدر ??يخ خليفا بن زايد النهيان محمد شهباز شريف جي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن وزارت عظميٰ جي چونڊ کٽڻ تي شهباز شريف کي مبارڪباد ڏن??، جڏهن ته هڪ ٽوئيٽ ۾ متحده عرب امارات جي نائب صدر ??يخ محمد بن راشد النهيان به شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ابوظهبي جي ولي عهد ۽ اماراتي هٿياربند فوج جي نائب سپهه سالار ??يخ محمد بن زايا النهيان به محمد شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.