اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قط?? ج?? امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قط?? ج?? امير وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان قط?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف قط?? ج?? امير جا ٿورا مڃيا. هن قط?? پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ قط?? جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ قط?? جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن ع??ل ۾ قط?? جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان ع??ام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ ان??ان?? امداد جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا ??هن. وزيراعظم قط?? ج?? امير کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان قط?? لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.