اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جو صدر ۽ متحده مخالف ڌر جو متفقه اميدوار محمد شهباز ش??يف نئون وزيراعظم چونڊجي ويو آهي، هُو 174 ووٽ کڻي ملڪ جو 23هون وزيراعظم چونڊجي ويو، پينل آف چيئرمين اياز صادق قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪئي، قائدايوان جي چونڊن جي لاءِ مقرر طريقيڪار ۽ ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اياز صادق اعلان ڪيو ته محمد شهباز ش??يف قائد ايوان لاءِ 174 ووٽ حاصل ڪيا، ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار شاهه محمود قريشي قائدايوان جي چونڊن جي بائيڪاٽ ۽ تحريڪ انصاف پاران قومي اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائن جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جا ميمبر ??يوان مان ٻاهر هليا ويا، اهڙي طرح شهباز ش??يف قائد ايوان جي عهدي لاءِ واحد اميدوار هو، نئون چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز ش??يف مسلم ليگ (ن) جو صدر آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جي وزيراعظم رهندڙ ميان نواز ش??يف جو ننڍو ڀاءُ آهي، محمد شهباز ش??يف ??هر??ون ڀيرو 1988ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، 1990ع ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، 1993ع ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ??ڻيو ۽ 1996ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، 1997ع ۾ ٽيون ڀيرو پنجاب اسيمبلي جو ميمبر ??ڻيو ۽ وڏو وزير ٿيو. 2008ع ۾ چوٿون ڀيرو بنا مقابلي پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ 8 جون 2008ع کان 26 مارچ 2013ع تائين ٻيو ڀيرو پنجاب جو وڏو وزير رهيو، مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جي ٽنهي سيٽن (پي ??ي 159، پي پي 161، پي پي 247) ۽ (اين اي 129) جي هڪ قومي سيٽ تي ڪام??اب ٿيو، تنهن هوندي به هن پي ??ي 159 جي سيٽ برقرار رکي، نتيجي ۾ هو ٽيون ڀيرو رڪارڊ حيثيت ۾ پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو. شهباز ش??يف 2018ع ۾ به قومي اسيمبلي ميمبر چونڊجي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ 10 اپريل 2022ع تائين مخالف ڌر اڳواڻ رهيو، کيس متحده مخالف ڌر، عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ وزارت عظميٰ جو اميدوار نامزد ڪيو.