لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي 193 پي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چي?? ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان ??ي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان ??ڏ آهي ۽ ڪير سان ??ڏ نه آهي. هن چي?? ته وڏي وزير ع??مان بوزدار ع??جزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن م??نت سان ساڍا ٽي سال گذاريا ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وقت ثابت ڪند?? ته وڏي وزير جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، منهنجي نظر ۾ ان جو قد وڌي ويو آهي. هن چي?? ته پنج 6 مهينن کان ٻاهرين سازش جو پلان بڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان جو حصو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان سان ??ڏ بيٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏسندس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ بيٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چي?? ته پاڪستان تيزي سان بدلجي رهيو آهي، تڪن ۾ سياست به بدلجي وئي اهي ۽ هاڻي سڀ قومي غيرت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چي?? ته چوڌري پرويز الاهي کي پورو يقين ڏياريان ٿ?? ته پارٽي توهان سان ??ڏ بيٺل آهي ۽ توهان ??ي ڪامياب ڪرائيندي. ان موقعي تي اڳوڻي وڏي وزير ع??مان بوزدار چوڌري پرويز الاهي جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ??يو، چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪندي چي?? ته وقت ثابت ڪند?? ته هي هڪ بهترين فيصلو هو. هن چي?? ته گڏيل سهڪار سان ٻنهي پارٽين کي سگهه ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونسازي ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن م??يد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان موقعي تي اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر سرفراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.