اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چي?? آهي، ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي، ملڪ ۾ م??جوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو ??يصلو ڪيو آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ اهو بهتر فيصلو آهي، ته عوام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چي?? ته جڏهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿيا هئا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آندو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو هو. اها وڏي مذاق آهي جو رڳو شهباز شريف کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به نه. بلاول زرداري، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي وڏن اڳوا??ن کي دعوت ڏني وئي هئي. اسد عمر چي?? ته اسيمبلي ۾ جڏهن اسان وياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پيش ڪيو، ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ بل آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ اپوزيشن ميمبر به ايوان ۾ م??جود هئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته رڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر اپوزيشن رد ڪري ڇڏيو. اپوزيشن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته اجلاس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اپوزيشن قوم ۽ سپريم ڪورٽ کي آکاڻي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چي?? ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي. ملڪ ۾ م??جوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو ??يصلو ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ اهو ئي بهتر فيصلو آهي.