ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪي??سر جي روڪٿام بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي منظم مهم هلائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اها ڪي??سر جي علاج کان آسان ۽ گهٽ خرچ آهي، پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ائٽمي توانائي، زراعت ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ذريعي ساراهه جوڳيون قومي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، ڪرن ۾ نئين شامل ڪي?? سهولتن جو افتتاح ڪندي مون کي خوشي ٿي آهي ۽ اميد آهي ته ان سان ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ڪي??سر جي مريضن کي يقينن وڏو ريليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪي??سر جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هتي ڪرن اسپتال ۾ ڪي??سر جي مرض بابت آگاهي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن جي سمپوزيم جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪي??. هن اٽامڪ انرجي ڪي??سر اسپتال (اي اي سي ايڇ) ڪراچي ۾ ڪي??سر جي تشخيص ۽ علاج جي نئين تنصيبن جو پڻ افتتاح ڪي??، اها سهولت پي اي اي سي جي ڪراچي انسٽيٽيوٽ آف ريڊيو ٿراپي اينڊ نيوڪليئر ميڊيسن (ڪرن) سان واڳيل آهي. ان موقعي تي خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ موجود هئي. سمپوزيم ۾ سڄي ملڪ مان ڪي??سر جا 200 کان وڌيڪ ماهر دماغ، ڳيچي ۽ ڇاتيءَ جي ڪي??سر تي پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ انقلاب جي ڪري نئين ٽيڪنالاجي، جديد ترين ٽيڪنيڪن جي اچڻ سان ڪي??سر جي خلين جي علاج جون نيون ٽيڪنڪون سامهون اچي رهيون آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته پي اي اي سي ڪي??سر اسپتال نئين دور جي ضرورتن موجب اپ گريڊ ڪندا. هن مريضن تي زور ڏنو ??ه جن کي ڪي??سر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جو شڪ آهي اهي جلد کان جلد پنهنجي صحيح تشخيص جي لاءِ وڃن جنهن سان انهن جي صحتيابي ۾ يقيني طور تي فائدو ٿيندو. صدر چيو ته پي اي اي سي ۽ ان جون 19 ڪي??سر اسپتالون م??ڪ جي صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڪم ڪنديون رهنديون. صدر خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي جي سرندي وارن صحت جي حوالي سان ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. هن چيو ته بحيثيت قوم پاڪستان 40 سالن تائين 40 لک افغان پناهگيرن جي دل کولي مدد ڪئي ۽ انهن جي ميزباني ڪئي. هن چيو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستاني ڪيترا سخي آهن. هن چيو ??ه جديد قومون هجڻ جي دعويٰ ڪ??دڙ بي گهر ماڻهن ۽ پناهگيرن کي غيرقانوني ٻاهرئين ملڪ ره??دڙ چئي پري رکڻ جي تصور تي عمل پيرا هئا. ان کان اڳ پي اي اي سي جي چيئرمين محمد نعيم صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه عارف علوي کي ڪميشن جي قدمن ۽ قوم جي سماجي ۽ اقتصادي بهتري جي لاءِ ٺاهيل منصوبن بابت آگاهه ڪي?? جن جو وڏو حصو دفاع، توانائي ۽ صحت جي شعبن تي ٻڌل آهي. هن ٻڌايو ته 1100 ميگاواٽ جي ڪي – 2 نيوڪليئر پاور پلانٽ جي تازي افتتاح کانپوءِ انهي پيداواري صلاحيت سان ڪراچي ۾ ڪي – 3 جي نالي سان هڪ ٻيو پاور پلانٽ 31 مارچ 2022ع تي نيشنل گرڊ سان ڳنڍجي ويندو. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ پي اي اي سي جي چئن مرڪزن 125 کان وڌيڪ بيمارين جي خلاف فصل جون بهتر قسم تيار ڪي??ن آهن. هن چيو ته اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته م??ڪ جي 30 کان 40 سيڪڙو پوکيءَ لائق زمين مختلف فصلن جي اسان جي ٻجن جي قسم کي استعمال ڪري رهي آهي. پي اي اي سي جي چيئرمين ٻڌايو ته ڪميشن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪي??سر جي تشخيص ۽ علاج جي سهولت فراهم ڪري رهيو آهي، 1960ع ۾ ڪراچي ۾ ڪي??سر جي علاج جي پهرين سهولت قائم ڪئي ۽ هر 3 کان 4 سالن کانپوءِ هڪ نئين اسپتال شامل ڪندو رهيو. هن چيو ته پي اي اي سي 14 جنوري 2022ع تي گلگت انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، آنڪولوجي اينڊ ريڊيو ٿراپي جي نالي سان پنهنجي 19 هين ڪي??سر اسپتال جو باضابطا افتتاح ڪي?? جڏهن ته هو مظفرآباد ۾ 20 هين ڪي??سر اسپتال تعمير ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ هڪ مهيني جي اندر ان منصوبي تي ڪم شروع ڪي?? ويندو.