اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ جي ڊجيٽل تبديل?? جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان ليس ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا منصوبي کي ترجيح ڏين ۽ وڌيڪ دير کان بچڻ لاءِ وقت سر فيصلا ڪن. هو ايوان صدر ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامينٽ بابت صدارتي قدمن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سينيٽ ج?? ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن ??رڪت ڪئي. ??را??يڪٽ جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس کي منصوب?? جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ شامل مختلف عمل جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي هڪ مقرر وقت جي اندر منصوبي کي عمل جامو پارائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي، ??را??يڪٽ جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اي سلوشنز پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي نمايان طور تي وڌائڻ سان گڏوگڏ قانونساز?? جي ڪم کي فوري طور تي اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته شفافيت آڻڻ ۽ گورننس ۽ سرڪاري ادارن ??ي جوابدهي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري کاتن جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.