بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان م??اق??تون ڪندو جڏهن ته وزيراعظم اڄ صدر شي جن پنگ پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجها??دي ۾ پڻ شريڪ ٿيندو، اڄ وزيراعظم سان ڪراچي ۽ فيصل آباد ۾ پاڻي جي منصوبن جي حوالي سان چيني سيڙپڪارن جون م??اق??تون ٿينديون، ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبي، حب ڪينال جڏهن ته فيصل آباد ۾ واٽر ٽريٽمينٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿي ??هي. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان ڳالهائي??دي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اڄ چين جي صدر پاران ملڪي سربراهن جي مان ۾ ڏنل مانجها??دي ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان جي اڄ شام جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان جي صدر ۽ چين جي وزيراعظم سان م??اق??ت ٿيندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چين جي سرمائي اولمپڪس ۾ پاڪستان جي ٽيم پهريون ڀيرو شريڪ ٿي، پاڪستاني ٽيم جي چين جي عوام پاران شاندار آجيان ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن جي عوام جي هڪ ٻئي لاءِ محبت جي اظهار تي ٻڌل آ??ي. چيني سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ٿنڪ ٽينڪس سان به م??اق??ت ٿي، وزيراعظم زور ڏنو ته دنيا هڪ ٻي ??رد جنگ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته وزيراعظم سڀاڻي چين جي صدر شي جن پنگ سان ون آن ون م??اق??ت ڪندو، صدر شي سان اڄ مانجها??دي ۾ پڻ م??اق??ت ٿيندي. ان م??اق??ت ۾ پاڪستان جي مستقبل جي لاڳاپن جي حوالي سان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اڄ وزيراعظم سان پاڪستان جي اقتصادي لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.