اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ئن??نگ محتسب جي ٻن مختلف فيصلن جي خلاف لاڳاپيل ??ئن??ن جون اپيلون رد ڪندي متاثرين کي 1 ڪروڙ 40 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکيو آهي. ??ئن??نگ مهتسب متاثرين جي اپيل تي البرڪه ??ئن?? کي 90 لک رپيا ۽ حبيب ??ئن?? کي 50 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري هڪ پڌرائي موجب صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪي ته فراڊ جي متاثرين بشمول هڪ اوورسيز پاڪستاني کي ??ئن??ن جي انتظاميا جي هٿان وڏو نقصان کڻڻو پيو ۽ انهن کي ڪو ريليف فراهم نه ڪيوويو. هن عوام تي زور ڏنو ته اهي ??ئن??نگ مهتسب جي خدمتن مان فائدو کڻن ته جيئن فراڊ جي معاملن سان گڏوگڏ ??ئن?? جي اهلڪارن/ آفيسرن جي بدانتظامي جي خلاف ريليف حاصل ڪري سگهجي. ٻنهي ڪيسن جي تفصيلن موجب مسز زاهده نسيم (شڪايت ڪندڙ) البرڪه ??ئن??، ڊي ايڇ اي برانچ لاهور ۾ 2017-03-03 تي پنهنجو پاڪستاني رپين جو اڪائونٽ ۽ 2017-03-28 تي برطانوي پائونڊ اسٽرلنگ جو اڪائونٽ کوليو. هن پنهنجي چيڪ ۽ ٽي ڊي آر درخواست فارم تي صحيحون ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال جي لاءِ 10.7 ملينر پين جي ٽرم ڊپازٽ جي لاءِ درخواست ڏني. ان وقت جي برانچ مئنيجر عمر اڪرام ??ئن?? جي ليٽر هيڊ ??ي کيس جعلي ۽ هٿ ٺوڪيو اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۽ ٽي ڊي آر سرٽيفڪيٽ فراهم ڪيو. جڏهن ته جولاءِ ۾ درخواستگذار کي خبر پئي ته فراهم ڪيل اڪائونٽ اسٽيٽمينٽ ۽ ٽي ڊي آر سرٽيفڪيٽ جعلي ۽ هٿ ٺوڪيو هو. مئنيجر دوکيبازي سان سندس چيڪ استعمال ڪيو ۽ ٽي ڊر آر بدران ريئل ٽائم گراس سيٽلمينٽ جي درخواست ڪئي. بعد ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته عمر اڪرام مب??نا طور تي 125 ملينر پين جي وڏي رقم جو فراڊ ڪيو ۽ هو پنهنجي ??ئن?? صارفين کي ۽ جعلسازي جي ذريعي ??ئن?? اسٽيٽمينٽس ٺاهڻ ۽ فراهم ڪرڻ ۾ ماهر هو. ان جو اعتراف ??ئن?? پاران ڪيو وي جنهن ڪلائنٽس جي پاليسين کي منسوخ ۽ مختلف معاملن ۾ لاڳاپيل اڪائونٽس ۾ رقم واپس ڪئي هئي. هن ڪيس ۾ اڪرام جي ذاتي ڊرائيور جي ??ئن?? اڪائونٽ ۾ 90 لک رپين جي رقم منتقل ڪئي وئي. مسز نسيم البرڪه ??ئن?? کي پنهنجي وڃايل رقم ان جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي درخواست ڪئي پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان کانپوءِ هن پنهنجي شڪايت جي ازالي لاءِ ??ئن??نگ محتسب سان رابطو ڪيو. اهڙي طرح جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ هالينڊ ۾ رهندڙ هڪ اوورسيز پاڪستاني مشتاق احمد باجوه (شڪايت ڪندڙ) جو فيصل آباد ۾ حبيب ??ئن?? لميٽيڊ جي برانچ ۾ پي ايل ايس سيونگ اڪائونٽ هو. هن 2017-04-14 تي ان وقت جي برانچ مئنيجر اختر حسين کي 50 لک رپيا ڪيش حوالي ڪيا. برانچ مئنيجر ڊپازٽ سلپ ڀري ۽ ان تي صحيحون ڪرڻ ۽ ٺپو هڻڻ کانپوءِ شڪايتڪ ندڙن جي حوالي ڪري ڇڏي. بعد ۾ ان جي ڀاءُ ان کي هالينڊ ۾ اطلاع ڪيو ته لاڳاپيل ??ئن?? ۾ هڪ اندروني فراڊ ڪيو ويو آهي ۽ اڳوڻي برانچ مئنيجر پاران ڪيترن ئي کاتيدارن جي جمع ڪيل فدنذ ۾ گهپلو ڪيو ويو آهي. مئنيجر دوکيبازي سان ڊپازٽ سلپ تي ذاتي طور تي ڏني ويندڙ رقم بدران ڪجهه خيالي چيڪ نمبر داخل ڪري ڇڏيا هئا. وڌيڪ اهو ته ??ئن?? مرڪزي جوابدار ۽ ان جي ساٿين جي خلاف ايف آءِ اي فيصل آباد ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي. ??ئن?? مشتاق باجوه جي شڪايت کي تسليم ڪرڻ جي باوجود ان جي دعويٰ جي ادائيگي نه ڪئي، جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙ انصاف جي لاءِ ??ئن??نگ محتسب سان رجوع ڪيو. ??ئن??نگ محتسب ٻنهي ڪيسز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ۽ حقيقتن جو جائزووٺڻ کانپوءِ لاڳاپيل ??ئن??ن کي حڪم ڏنو ته شڪايت ڪندڙ کي ان جي وڃايل رقم واپس ڪئي وڃي. وفاقي محتسب چيو ته شڪايت ڪندر پنهنجي محنت جي ڪمائي لاڳاپيل ??ئن??ن جي حوالي ڪئي ۽ اهو ??ئن??ن جو فرض آهي ته اهي پنهنجي صارفين جو تحفظ ڪن. هن قرار ڏنو ته مستعد ??ئن?? عملدارن، ايماندار ۽ پيشيور عميل جي مقرري ??ئن?? جي ذميواري آهي، شڪايت ڪندڙ جي نه آهي. ??ئن??نگ محتسب چيو ته ??ئن?? اهڙن معاملن ۾ ذميواري کان بچي نه ٿي سگهي جڏهن اڪائونٽ هولڊر سان ان جي انتظاميا پاران دوکيبازي ثابت ٿي وڃي ٿي. محتسب حڪم ڏنو ته ٻئي ??ئن??ون وڌيڪ دير کانسواءِ شڪايت ڪندڙن جي نقصان کي پورو ڪرڻ جون ذميوار آهن. ان کانپوءِ ??ئن??نگ محتسب جي فيصلن جي خلاف جدا جدا اپيلون داخل ڪيون ويون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محتسب جي ٻنهي فيصلن کي ان بنياد تي برقرار رکيو ته ??ئن??نگ کي شڪايت ڪندڙن جي دعويٰ رد ڪرڻ جو باقاعده موقعو ڏنو ويو، پر ??ئن??ون پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، صدر پنهنجي حڪمنامي ۾ قرار ڏنو ته ??ئن??ن ??ئن??نگ محتسب جو فيصلو رد ڪرڻ جو ڪو مناسب جواز فراهم نه ڪيو، ان لاءِ انهن جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.