اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ جي 70 ملين ماڻهن کي ڪوويڊ ويڪسين جي ??هٽ ۾ ??هٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي. وفاقي وزير اسد عمر جيڪو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو انچارج به آهي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سال جي آخر تائين 70 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته ان کان ٻه مهينا اڳ ئي حاصل ڪري ورتو. 2021ع جي لاءِ سال جي آخر جو هدف 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳائڻ جو مقرر ڪيو ويو هو، اهو ٻ??ائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته 7 ڪروڙ (70 ملين) ماڻهن کي هاڻي ??هٽ ۾ ??هٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي ۽ 4 ڪروڙ (40 ملين) مڪمل طور تي ويڪسين لڳرائي چڪا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2 مهينا باقي آهن، اسان انشاءَ الله پنهنجي هدف کان اڳتي وڌنداسين.