اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) عشره رحمت اللعالمين ﷺ جي سلسلي ۾ نعت خواني جو ڪل پاڪستان مقابلو ريڊيو پاڪستان ??سلام آباد ۾ منعقد ٿيو. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب خاص هئا.
ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت اطلاعات واري وزارت ۽ ان ??ي ذيلي ادارن جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا. مقابلي ۾ سڄي ملڪ مان 15 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۽ ٻارڙين کانسواءِ 15 کان 25 سالن جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾ ٻن ڪيٽيگريز ۾ حصو وٺندڙ ثناءُ خوان مصطفيٰ شرڪت ڪئي. 15 سالن کان گهٽ عمر جي ڪيٽيگري ۾ سنڌ مان ??سن علي شاهه ۽ ٻارڙين ۾ سنڌ مان ??نيه اول انعام حاصل ڪيا.
پنجاب صوبي مان ??لي رضا ۽ خيبرپختونخوا صوبي مان ??يمان ??الد ٻيو انعام حاصل ڪيو جڏهن ته خيبرپختونخوا مان ??ي حنيف محمد ۽ نورالهديٰ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، 15 کان 25 سالن تائين ??ي ڪيٽيگري ۾ عذير عالم ۽ عائشه اڪبر اول جڏهن ته خيبرپختونخوا سان ??علق رکندڙ سعيد احمد شاهه ۽ مغيره بتول ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، پنجاب جي مع??ن الحق ۽ سنڌ مان نور خان نعتيه مقابلي ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، حوصلا افائي جو انعام نور کا?? محروم ٻارڙي حرا ڪائنات کي ڏنو ويو.