اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو خواب مدين?? جي رياست وانگر فلاحي نظام، معاشي ترقي ۽ خوشحال عوام آهي، محدود وسيلن وارن 37 لک خاندانن کي 1400 ارب سان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ان سان غربت جي خاتمي، محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ پنج لک تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا، سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪئي ??ئي ??ڃي ۽ فني تعليم ۽ صحت انصاف ??ار?? به ڪامياب پاڪستان پروگرام جو حصو آهي.