لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ا??شيا ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواب ڪڏ??ن پُورو نٿو ٿي سگهي. اها ڳالهه هن لنڊن ۾ ڪشمير سان تعلق رکندڙ مشهور برطانوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي جائز حق ”خودم??تي??ري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٽر ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ??ڪومت پاڪستان تازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر جوڙيو آهي، ان ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته ??رطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي“ جو انعقاد خوش آئنده آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??رطانوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودم??تي??ري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. دنيا کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته ??يستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڏکڻ ا??شيا ۾ ڊگهي امن جو خواب ڪڏهن شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي.