اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم ش??هه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي سيلووينيا جي پرڏيهي وزير اينزي لوگار سان ملاقات ڪئي، پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ??طر??ي لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ش??هه محمود قريشي چيو ته سيلو ??ينيا يورپي يونين جو اهم ملڪ آهي، پاڪستان سيلو ??ينيا سان ??طر??ي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پرڏيهي وزير يورپي يونين جي صدارت جو منصب سنڀالڻ تي سيلو ??ينيا جي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت اجتماعيت جي حامل هوندي، پاڪستان گڏيل ذميداري تحت افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، افغانستان ۾ امن جي قيام جو فائدو سڄي خطي کي هڪجهڙو ٿيندو. ش??هه محمود قريشي چيو ته حالتون بگاڙ جو شڪار ٿيون ته سڀ متاثر ٿيندا، پاڪستان افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جو حامي آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امڪاني انساني ۽ اقتصادي بحران کي نظر ۾ رکندي عالمي برادري کي افغانين جي مدد لاءِ موثر قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ٻين يورپي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن کان آگ??هه ڪيو، پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ايس سي او سمٽ جي موقعي تي ايس سي او ۽ سي ايس ڊي او جي وفدن جي سربراهن سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان سيلو ??ينيا جي پرڏيهي وزير کي آگ??هه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان 37 ملڪن جي رهواسين ۽ عالمي ادارن سان تعلق رکندڙ 14 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي، پرڏيهي وزير لوگار عالمي انخلا جي ڪوششن کي آسان بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي واکاڻ ڪئي، ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ سيلو ??ينيا جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ذريعي گڏيل رابطن ۽ علائقائي مسئلن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ ۽ ??طر??ي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.