اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ ٽينڊر، فوجي آئل ٽرمينل اينڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لاءِ ٽيرف تي نظرثاني ۽ پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ نرمي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اي سي سي خودڪار طر??قي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لاءِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي و??ري وفاقي و??ير شوڪت فياض ترين جي صدارت ۾ ناڻي و??ري و??ارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ قومي غذائي ۽ تحقيق واري وفاقي و??ير سيد فخر امام، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، نجڪاري و??ري وفاقي و??ير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واري وفاقي و??ير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر اعظم خان سواتي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب، پاور ڊويزن واري خاص معاون تابش گوهر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽرين، ايف بي آر ??يئ??مين ۽ ٻين سي??يئ?? عملدارن شرڪت ڪئي. پيٽروليم واري و??ارت پاران اجلاس ۾ فوجي آئل ٽرمينل اينڊ ڊسٽري بيوشن ڪمپني (فوٽڪو) جي لاءِ ٽيرف تي نظرثاني بابت سمري پيش ڪئي و??ي ته جيئن ڪمپني پنهنجي آپريٽنگ ۽ مرمت ۽ بحالي جا خرچ پورا ڪري سگهي، ڪمپني جي لاءِ ٽيرف جي منظوري 20 سال اڳ 2000ع ۾ 20 سالن جي لاءِ ڏني و??ي هئي ۽ ان تي ان عرصي ۾ نظرثاني نه ڪئي و??ي هئي، ڊگهي بحث کانپوءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 سالن جي لاءِ نظرثاني ٿيل ٽيرف جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن جي ادائيگي برابر پاڪستاني رپين ۾ ڪئي ويندي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري و??ارت، اوگرا، پي ايس او، ميسرز اي ايف فرگوسن، سامونڊي معاملن واري و??ارت ۽ ناڻي و??ري و??ارت جي نمائندن تي ٻڌل ??ڪ ذيلي ڪميٽي پڻ جوڙي و??ي، منصوبابندي ڪميشن جو ڊپٽي ??يئ??مين ڪميٽي جو سربراهه هوندو، ڪميٽي 2012ع کان وٺي 2020ع جي مدي ۾ ٽيرف ۾ فرق بابت معاملن جو فيصو ڪندي. اجلاس ۾ سامونڊي معاملن واري و??ارت پاران پبلڪ سيڪٽر ڪمپنيز (ڪارپوريٽ گورننس) رولز تحت پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي 19 ذيلي ڪمپنين کي نرمي ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي و??ي، اي سي سي نرمي جي قاعدن ۾ جون 2021ع تائين جي مدي لاءِ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪارپوريٽ گورننس رولز جي اصولن موجب انهن ڪمپنين جي لاءِ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن جي قيادت ۾ آزاداڻو بورڊ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت خدمتن ۽ ضابطن واري و??ارت پاران خودڪار طر??قي سان ضايع ٿيندڙ سرنجز ۽ مقامي سطح تي انهن سرنجز جي پيداوار جي لاءِ خام مال ۽ مصنوعات جي درآمد تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽيز ۾ ڇوٽ ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي و??ي. اي سي سي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايف بي آر ??يئ??مين ڊاڪٽر محمد اشفاق ٽيڪس چوري ۽ ڪجهه شين تي ادا جوڳي ڊيوٽيز جي عدم ادائيگي جي ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام جي روڪٿام لاءِ ان لينڊ روينيو انفورسمينٽ نيٽ ورڪ (آيرن) کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن بابت هڪ سمري پيش ڪئي. آيرن تحت اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي ضلعن مان نڪرندڙ شين جي چيڪنگ پڻ ٿي سگهندي. اي سي سي ان سمري جو جائزو ورتو ۽ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. بطور ??يئ??مين ڪميٽي ناڻي و??ري و??ير شوڪت ترين چيو ته ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قاعدن ۽ ضابطن جي لاڳو ڪرڻ ۾ ايف بي آر حراسان ڪرڻ بدران خيرسگالي جي فضا قائم ڪندي، ان سان گڏوگڏ ايف بي آر قومي ناڻي ۾ اضافي جي لاءِ ٽيڪس چوري جي خاتمي ۽ ٽيڪس بنياد ۾ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻندي. ان ڏس ۾ چيڪ اينڊ بيلنس جي باضابطا نظام جي پيروي ڪئي ويندي. ناڻي و??ري وفاقي و??ير ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته اهو ٽيڪس وصولي ۾ انفورسمينٽ جي روايتي طر??قيڪار بدران جديد ترين ٽيڪنالاجي تي ٻڌل طر??قيڪار اختيار ڪري. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي و??ارت جي سفارش تي ڪابينا جي هدايت موجب ملڪ ۾ جاري مالي سال دوران ڪڻڪ جا اسٽرِٽجڪ ذخيرا قائم ڪرڻ جي لاءِ 40 لک ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي هدايت جي تعميل جي ڏس ۾ هڪ لک 20 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي لاءِ ٽينڊر جي منظوري ڏني و??ي. ڪميٽي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي ??يئ??مين کي ڪڻڪ جي درآمد جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي جو عمل جاري رهي. ڪميٽي ٽي سي پي ??يئ??مين کي ڪڻڪ جي درآمد جي نظام الاوقات ۽ ٻين گهرجن بابت وزيراعظم جي و??پار واري صلاحڪار کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.